امداد علي شاهه ڄاموٽ

امداد علي شاهه ڄاموٽ

امداد علي شاهه ڄاموٽ

امداد علي شاهه ڄاموٽ: مشھور سياستدان سيد امداد علي شاهه ولد سيد انور علي شاهه ڄاموٽ جو تعلق مٽياريءَ جي سادات گهراڻي سان هو. 1935ع ڌاري هن مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم مٽياري ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ آڪسفرڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، جتي سندس ملاقات ذوالفقار علي ڀٽي، حفيظ پيرزادي، ممتاز ڀٽي ۽ ٻين سان ٿي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ جڏهن وطن موٽيو ته هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات يونين ڪائونسل مسو ڀرڳڙي جي چيئرمئن ٿيڻ سان ڪئي. هيءُ ايوب خان جي دور حڪومت ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر رهيو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي پيپلز پارٽي کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو ته سيد امداد علي شاهه ڄاموٽ ان سڄي مرحلي ۾ ان جي ويجهن ساٿين ۾ رهيو. ذوالفقار علي ڀُٽي جي ويجهي ساٿي هئڻ ڪري، هن پيپلزپارٽيءَ کي مضبوط ڪندي سيد قائم علي شاهه، ڄام صادق علي ۽ ٻين ڪيترن ئي سياستدانن کي پيپلزپارٽيءَ جو حصو بڻايو. 1970ع واري اليڪشن ۾ کيس ايم پي اي جي سيٽ جي اميدوار طور نامزد ڪيو ويو. پھرين آڪٽوبر 1971ع ۾، ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايندي هڪ روڊ حادثي ۾ 36 سالن جي ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو. سيد قائم علي شاهه پڻ اُن وقت انھيءَ گاڏيءَ ۾ سوار هو ۽ زخمي ٿيو. سيد امير علي شاهه ڄاموٽ سندس وڏو ڀاءُ ۽ سيد علي گوهر شاهه ڄاموٽ سندس ننڍو ڀاءُ آهن.


لفظ امداد علي شاهه ڄاموٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو